غلام نبي ڀنگر

غلام نبي ڀنگر

ڀنگر غلام نبي

ڀنگر، غلام نبي: سماج سڌارڪ غلام نبي ڀنگر 1916ع ڌاري جيڪب آباد کان پنج ميل اوڀر طرف ڳوٺ متي ڀنگر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ ”زنگي پور“ مان حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. ان کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان 1940ع ۾ بي. اي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ويو، جتان 1942ع ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون سندون حاصل ڪري واپس موٽيو. عملي زندگيءَ جو آغاز ’جيالاجيڪل سروي آف انڊيا‘ جي محڪمي ۾ بحيثيت اسٽور ڪيپر ڪيائين. ڏھن مھينن تائين بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ رھيو. 1943ع کان 1947ع تائين مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1947ع جي آخري چئن مھينن ۾ حڪومت سنڌ جي محڪمي سيلز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ طور خدمتون انجام ڏنائين. 1948ع کان 1957ع تائين جيڪب آباد ۾ وڪالت جي پيشي سان وابسته رھيو. پاڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد جو پرنسپال ۽ باني ڪارڪنن مان ھڪ ھو. 1959ع کان 1960ع تائين ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪيائين. 1961ع کان 1962ع تائين سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپال جي عھدي تي رھيو. 1963ع کان 1968ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انسپيڪٽر آفَ ڪاليجز مقرر ٿيو، جتي ھن سوشل ورڪ جو شعبو قائم ڪيو ۽ شعبي جو چيئرمئن پڻ رھيو. 1969ع کان 1972ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري ۾ رجسٽرار مقرر ٿيو ۽ پوءِ مئي 1972ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين. هن ڀنگر فائونڊيشن جو بنياد پڻ وڌو. غلام نبي ڀنگر، 17 اپريل 2010ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.00.00  عيسوي

غلام نبي ڀنگر 1916ع ڌاري جيڪب آباد کان پنج ميل اوڀر طرف ڳوٺ متي ڀنگر ۾ جنم ورتو


2010.04.17  عيسوي

غلام نبي ڀنگر ، 17 اپريل 2010ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني شيخ عبدالقادر
ابڙو جمال
راڻو رتن سنگهه
سيد ملا مير سبزواري
سيٺ محمود علي ميمڻ
اسلم فرخي ڊاڪٽر
رفيق سومرو
زين العابدين شيخ
بيگن ٻارڻ
جتوئي مصطفيٰ حيدر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون